پاڪستانپنجاب

هاڻي حتمي ۽ فيصلائتي ويڙهه جي شروعات ٿيندي:عمران خان

لاهور:اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مان قوم لاءِ ويڙهه وڙهي رهيو آهيان، هاڻي حتمي ۽ فيصلائتي ويڙهه جي شروعات اڄ کان ٿيندي. لاهور بار جي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هاڻ حتمي ۽ فيصلائتي جنگ آهي، اڄ کان حقيقي آزادي مارچ شروع ڪري رهيو آهيان ۽ تحريڪ جي شروعات لاهور کان ڪري رهيو آهيان، مان هن قوم لاءِ ويڙهه وڙهي رهيو آهيان. عمران خان چيو ته پنجاب حڪومت کي چوندس ته وڪيل پروٽيڪشن بل منظور ڪري، وڪيلن جي اسپتال لاءِ رقم جاري ڪئي وڃي. ٻئي طرف عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي سينيئر قيادت سان 90 شاهراهه قائداعظم تي ملاقات ٿي، جنهن ۾ اسد عمر، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، عمر ايوب، ميان اسلم اقبال، عمر سرفراز چيما به موجود هئا. ملاقات ۾ پارٽي قيادت لانگ مارچ ۽ ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا، جنهن ۾ مستقبل جي حڪمت عملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button