اسلام آبادپاڪستان

اعليٰ آفيسرن جي پريس ڪانفرنس يقين نه ڪرڻ جوڳي ۽ تاريخي آهي:بلاول

ڪراچي : پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسٽيبلشمينٽ جو تضاد کان آئيني ڪردار ڏانهن اچڻ پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ تمام ضروري آهي، پ پ ٽن نسلن کان اها جدوجهد ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس يقين نه ڪرڻ جوڳي ۽ تاريخي آهي، اداري جي منتقلي جي عمل کي ساراهڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button