پاڪستانپنجاب

ڊي جي آ ايس پي آر غلط بياني ڪئي ته ارشد شريف کي خطرو نه هو،پريس ڪانفرنس سان صدمو پهتو:تحريڪ انصاف

لاهور:حريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻن چيو آهي ته هڪ نئون پنڊورا باڪس کوليو ويو آهي، ادارن سان چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڳالهه ڪرڻ غير آئيني ناهي. آ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس سان صدمو پهتو. اسان ادارن جي پريس ڪانفرنس جو جواب نٿا ڏئي سگهون. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان سياسي بحران جا خواهشمند ناهيون، ڇا اسان ملاقاتن ۾ غير آئيني فرمائشون ڪيون يا جمهوريت خلاف مطالبا ڪيا. اسان جي هڪ نقاطي ايجنڊا آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، ڏکيائين مان نڪرڻ جو واحد رستو چونڊون آهن. ڪالهه لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻن اسد عمر، فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي ۽ ڊاڪٽر شيري مزاري پاڪ فوج جي ترجمان ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏنو. پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته سائفر جو هٿ ٺوڪيو بيانيو بلڪل ناهي، سائفر هڪ حقيقت هو ۽ آهي. هن چيو ته سياسي پارٽي طور اسان سدائين ادارن جو احترام ۽ دفاع ڪيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته ادارن جي مضبوط ٿين سان جمهوريت ۽ ملڪ مضبوط ٿيندو آهي. اهو تاثر غلط آهي ته اسان ڪنهن اداري جي ساک خلاف آهيون، عمران خان چئي چڪو آهي ته هڪ مضبوط فوج پاڪستان جي ضرورت آهي. اسان جي مضبوطي لاءِ انهن جي مضبوطي ضروري آهي، اسان ٻوڏ، ڪرونا ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ فوج جي ڪردار جي سدائين ساراهه ڪئي آهي، آئين ۾ سمورن ادارن جو ڪردار طئي ٿيل آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي پاليسي واضح آهي ته مارچ پرامن ۽ قانون جي دائري ۾ ٿيندو. شهرين کي اپيل آهي ته لانگ مارچر ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪن، ان حوالي سان گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي. اسان هڪ سئو ڇويهه ڏينهن ڌرڻو هنيو اهو به پرامن هو، پنجويهين مئي واري مارچ ۾ پڻ اسان پرامن هئاسين، پر اسان تي تشدد ڪيو ويو. جڏهن ته فواد چوڌري چيو ته ارشد شريف کي ڌمڪيون آهن ۽ هو لڪيل نه آهي، کيس خيبرپختونخواهه حڪومت پرڏيهه ناهي موڪليو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته آءِ ايس پي آر جي نيوز ڪانفرنس ڌمڪيون ڏنيون، ادارن جي نيوز ڪانفرنس جو جواب نه ٿا ڏئي سگهون. عزت ۽ احترام جو رشتو قائم رکڻ گهرجي. هن چيو ته اسان صدر کي خط لکيو آهي ته ان سانحي جي جاچ ڪرائي وڃي. توهان جاچ ڇو نه ڪرائي رهيا آهيو، پاڪستان جي سياستدانن جو احترام به ضروري آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي ته فوج آئيني ڪردار ۾ رهڻ چاهي ٿي، فوج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته عمران خان فوج جي ڪجهه فيصلن تي تنقيد ڪندو آهي، اهو سندس آئيني حق آهي، هن ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه ڪئي جنهن سان ارادا ڪمزور ٿين. اسد عمر وڌيڪ چيو ته اڄ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته کيس لانگ مارچ سان ڪو مسئلو ناهي، سٺي ڳالهه آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر شيري مزاري چيو آهي ته قتل کان ٽي منٽ اڳ منهنجي ارشد شريف سان ڳالهه ٻولهه ٿي، هو وطن واپس اچڻ چاهي ٿو. شيري مزاري چيو ته ارشد سان آخري ميسيج تي ڳالهه ڪئي وئي، هن پاڪستان اچڻ جو ذڪر ڪيو ۽ اهو به جواب ڏنو ته هنن منهنجي مٿي جي قيمت مقرر ڪئي آهي، ان ڪري مان لڪائي رهيو آهيان. شيري مزاري چيو ته ڊي جي آ ايس پي آر غلط بياني ڪئي ته ارشد شريف کي خطرو نه هو. ارشد شريف بابت ڪيترائي ثبوت آهن جن کيس ڌمڪيون ڏنيون، پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته هر ڪنهن کي ڳالهائڻ جو حق آهي پر خبر ناهي مون کي به پڪڙي گم ڪيو ويندو. هن چيو ته هن ڪڏهن به ايم آءِ سڪس جي ڊائريڪٽر کي پريس ڪانفرنس ڪندي نه ڏٺو آهي، جمهوري ملڪ جي ادارن جا ماڻهو پريس ڪانفرنس ڪندا آهن پر سياستدانن کي ڳالهائڻ جو حق ڏيندا آهن، جيڪڏهن اهي تنقيد ڪن ته پوءِ اسان کي اهو حق ڏيو. آئين ۾ لکيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button