اسلام آبادپاڪستان

2019 کانپوءِ عمران عرب ملڪن کان مليل هڪ تحفو به ظاهر نه ڪيو

اسلام آباد :توشا خانا جي سرڪاري رڪارڊ سان عمران خان لاءِ نئون پنڊورا باڪس کلي ويو ۽ رڪارڊ ۾ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن. جنهن مطابق 2019 کان پوءِ عمران خان عرب ملڪن کان مليل هڪ تحفو به ظاهر ناهي ڪيو. عمران خان عرب ملڪن جي 10 دورن ۾ ملندڙ قيمتي تحفا لڪايا، هي 10 دورا 2019 کان 2021 جي وچ ۾ ٿيا. انهن تحفن جي قيمت ڪروڙين رپيا ٻڌائي وئي آهي، رڪارڊ مطابق 10 مان 5 دورن ۾ ملندڙ تحفن کي ئي ظاهر ڪيو ويو رڪارڊ مطابق مليل تحفن جي قيمت اصل کان گهٽ ڏيکاري وئي، رڳو گهٽ قيمت وارن تحفن کي ئي ظاهر ڪيو ويو مهانگا ۽ ڳچ قيمتي تحفا ظاهر نه ڪيا ويا رڪارڊ مطابق اڳوڻي خاتون اول بشيريٰ بي بي به انهن 10 دورن ۾ عمران خان سان گڏ هئي. بشريٰ بي بي رڳو هڪ دوري ۾ مليل تحفا ظاهر ڪيا رڪارڊ ۾ بشريٰ بي بي کي ٻين دورن ۾ مليل تحفن جو ڪوئي ذڪر موجود نه آهي فواد چوڌري، حماد اظهر، ملڪ امين اسلم ۽ مولانا طاهر اشرفي به مليل تحفا ظاهر ناهن ڪيا اسد عمر عمران خان جي 5 دورن ۾ گڏ هو اسد عمر رڳو هڪ دوري ۾ملندڙ تحفا ظاهر ڪيا عبدالرزاق دائود به پنجندوران ۾ عمران خان سان گڏ هو. عبدالرزاق دائود صرف هڪ گهڙي ۽ هرن جو ماڊل ئي ظاهر ڪيو ذوالفقار بخاري چئن دورن ۾ عمران خان سان گڏ هو ذوالفقار بخاري صرف ٻندورن ۾ مليل تحفا ظاهر ڪيا رڪارڊ مطابق اڳوڻي وزيراعظم جي اسٽاف کي ملندڙ تحفن مان معلوم ٿيو آهي ته عمران خان ۽ ان جي وفد جي ميمبرن کي وڌيڪ قيمتي تحفا مليا هئا فيبروري 2020 ۾ عمران خان کي 3 لک 25 هزار ماليت جي ميز تي رکيل گهڙي تحفي ۾ ملي ان دوري ۾ عمران خان سان گڏ وفد جي ميمبرن ۽ سرڪاري آفيسرن کي جيڪي تحفا مليا اهي وڌيڪ قيمتي هئا. ان دوري ۾عمران خان جيڪو تحفو ظاهر ڪيو اهو ٻين جي ڀيٽ ۾ نهايت گهٽ قيمت وارو هو. رڪارڊ مطابق عرب ملڪن جي شاهي روايت آهي ته اهي وفد جي ٻين ميمبرن جي مقابلي ۾ وزيراعظم کي وڌيڪ قيمتي تحفا ڏيندا آهن ۽ شاهي روايت مطابق جواهرن جي درجي ۾ ٿيندڙ تحفا ئي وزيراعظم کي ڏنا وڃن ٿا عمران خان جيڪي تحفا ظاهر ڪيا عمران خان جيڪي تحفا ظاهر ڪيا اهي عرب ملڪن جي شاهي روايتن مطابق نه آهن. ذريعن مطابق اهو نٿو ٿي سگهي ته وزراعظم کي گهت قيمت جڏهن ته وزيرن ۽ اسٽاف کي وڌيڪ مهانگا تحفا مليا هجن. 44 مهينن جي اقتدار دوران عمران خان هڪ قيمتي تحفو به ظاهر نه ڪيو عمران خان 110 ملين (11 ڪروڙ) ماليت جا تحفا ظاهر ڪيا عمران خان هي تحفا 20 سيڪڙو ادا ڪري حاصل ڪيا. عمران خان کي 21 آڪٽوبر تي اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس ۾ پهريان ئي نااهل قرار ڏئي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button