اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف جي تدفين،مٿي ۽ ڦڦڙ ۾ گوليون لڳڻ سبب موت ٿيو:رپورٽ

اسلام آباد: سينيئر اينڪر ارشد شريف جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ موت جو سبب مٿي ۽ ڦڦڙن تي گوليون لڳڻ کي قرار ڏنو ويو آهي. ميڊيا رپورٽ مطابق مقتول صحافي ارشد شريف جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ اچي وئي آهي. پوسٽ مارٽم دوران شهيد صحافي جي لاش جو اندرويون ۽ ٻاهريون تفصيلي معائنو ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم لاءِ ارشد شريف جي جسم جي مختلف عضون جا نمونا ورتا ويا، جيڪي فرنزڪ ليب اماڻيا ويا. هوڏانهن ڪينيا ۾ قتل ٿيندڙ سينيئر صحافي ارشد شريف جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ارشد شريف جي جنازي نماز فيصل مسجد اسلام آباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي شخصيتن، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پوءِ ارشد شريف جو مڙهه ايڇ اليون قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. واضح رهي ته ارشد شريف کي ڪينيا ۾ قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو مڙهه گذريل ڏينهن پاڪستان پهچايو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button