اسلام آبادپاڪستان

فارماسيوٽيڪل ايسوسيشن جو مطالبو منظور،پيراسيٽامول ۽ پيناڊول مهانگي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت فارماسيوٽيڪل ايسوسيشن جو مطالبو منظور ڪندي پيراسيٽامول جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ٽيبليٽ جي في پتي تي نوَ رپيا ۽ سيرپ جي بوتل تي 21 رپيا وڌائي ڇڏيا. اسلام آباد ۾ ناڻي کاتي جي وزير اسحاق ڊار سان فارماسيوٽيڪل جي وفد جي ملاقات ۾ پيناڊول جي اگهن ۾ واڌاري جو مطالبو منظور ڪري ڇڏيو. ڊريپ مالڪن جو چوڻ آهي ته پيناڊول جي ڏهن گورين جي پتي جو اگهه سترنهن رپيا آهي، جڏهن ته سيرپ جي بوتل 97 رپيا آهي.ناڻي کاتي جي فيصلي بعد هاڻي پيناڊول جو پتو ساڍا ٽيويهه رپيا جڏهن ته سيرپ جي بوتل هڪ سئو ارڙنهن رپيا ٿي ويندي. وفاقي ڪابينا دوا جي اگهه ۾ واڌاري جي سمري منظور ڪندي جنهن بعد نئين اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو. فارماسيوٽيڪل ايسوسيشن جو مطالبو هو ته ڊالر جي قيمت ۾ واڌ کانپوءِ پروڊڪشن متاثر ٿي آهي. گذريل مهيني پيناڊول جي کيپ ۾ گهٽتائي سبب مارڪيٽ ٻاڙائي کي منهن ڏئي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button