اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف جي قتل جا پيرا عمران ۽ سلمان اقبال ڏانهن وڃن ٿا:گهرو وزير

اسلام آباد:وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ارشد شريف جي قتل جا پيرا ۽ ثبوت سراسري طور عمران خان ۽ سلمان اقبال ڏانهن وڃن ٿا. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ارشد شريف سان ڊرائيونگ سيٽ تي موجود شخص خرم اي آر واءِ جو ملازم آهي. ارشد شريف جي قتل جو معاملو ٻن ماڻهن ڏانهن وڃي ٿو. سراسري طور پيرا ۽ ثبوت عمران خان ۽ سلمان اقبال ڏانهن وڃن ٿا پر جاچ جاري آهي. هن چيو ته ارشد شريف جي موت بابت ڪيس انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ کانپوءِ داخل ڪيو ويندو. جڏهن ته ڪينيا ۾ فارم هائوس ڪنهن جو آهي، ان جا تفصيل هڪ ٻه ڏينهن ۾ ملي ويندا. سندس چوڻ هو ته عمران خان هڪ ناسور جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، سندس مڪروهه چهرو اڄ وڌيڪ کلي سامهون آيو آهي، ان سائفر تي راند کيڏي، اهو نه سوچيو ته قوم کي ڪيترو نقصان ٿيندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ ايڇ نائين ۽ جي نائين ۾ جلسي جي درخواست ڏني آهي. اجازت کان اڳ ڏسنداسين ته اهي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تحت رهن، جيڪڏهن تحريڪ انصاف ضروري گهرجون پوريون ڪيون ته اجازت ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button