اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ اجلاس طلب

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس سڏائي ورتو. جڊيشل ڪميشن جو اجلاس پهرين نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس عامر فاروق جي نالي تي غور ڪيو ويندو. ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سپريم ڪورٽ جي جج طور سفارش ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله سميت ٽن ججن جي سپريم ڪورٽ مقرري جي سفارش ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button