اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ کي فوري اين او سي جاري ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد:اسلام آباد جي ضلعي انتطاميا پي ٽي آءِ کي فوري طور اين او سي جاري ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ضلعي انتظاميا تحريڪ انصاف کي هڪ نئون ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ماضي ۾ اين او سي جون ڀڃڪڙيون ڪيون، ان لاءِ پي ٽي آءِ شق وار انتظاميا کي وضاحت ڏئي، 25 مئي تي به اين او سي ڏني پر ان جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. پي ٽي آءِ لکت طور تي انتظاميا کي مطمئن ڪري، اين او سي جي درخواست رد نه ڪرڻ جي ڪارڻ جي وضاحت ڪئي وڃي. ان کان اڳ اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا پاران پي ٽي آءِ قيادت سان رابطو ڪيو ويو. ڪمشنر اسلام آباد طرفان طلب ڪيل خاص اجلاس ۾ پي ٽي آءِ طرفان سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ اسلام آباد جي پي ٽي آءِ صدر علي نواز اعواڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button