اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪرڻ ممڪن ناهي:احسن اقبال

اسلام آباد : وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته في الحال آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪرڻ ممڪن ناهي. رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ٻوڏ سبب ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي ۽ اهڙي ڏکين حالتن ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪرڻ ممڪن ناهي. رٿابندي واري وزارت ۾ 2022ع جي ٻوڏ کي ڌيان ۾ رکندي پوسٽ ڊيزاسٽر ضرورتن بابت ڪاٿي جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آءِ ايم ايف کي درخواست ڪريان ٿو ته پاڪستان لاءِ جيڪي سخت شرط رکيا ويا آهن انهن تي نظرثاني ڪئي وڃي، پاڪستان ٻوڏ سبب ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي ۽ ان ڏکين حالتن ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪرڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته عالمي برادري کي ان ضمن ۾ پاڪستان سان ايڪي جو اظهار ڪرڻ گھرجي، ٻوڏ جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 30 ڏهائي هڪ ارب رپيا نقصان جو ڪاٿو آهي جنهن ۾ 15 ڏهائي 2 ارب ڊالر معاشي نقصان شامل آهن. جڏهن ته 14 ڏهائي 9 ارب ڊالر جو نقصان ان کانسواءِ آهي. رٿابندي واري وزير وڌيڪ چيو ته عالمي ادارن موجب پاڪستان کي گھٽ ۾ گھٽ 16 ڏهائي 2 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، ٻوڏ سان حتمي نقصانن جي رپورٽ اچڻ اڃا پوئتي آهي. اولهه ترقياتي ۽ جي 20 ملڪن کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button