اسلام آبادپاڪستان

فتني مڃي ورتو ته آرمي چيف کي مدي ۾ واڌ جي آڇ ڪئي هئي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارين فنڊڊ فتني مڃي ورتو ته هن آرمي چيف کي اڻڄاڻايل مدي لاءِ واڌ جي آڇ ڪئي هئي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته فارين فنڊڊ فتني نيٺ مڃي ورتو ته آرمي چيف کي اڻڄاڻايل مدي لاءِ واڌ جي آڇ ڪئي هئي. هاڻ فارين فنڊڊ فتني سان اهو ئي ورتاءُ ٿي رهيو آهي جنهن جو هو حقدار آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي رڳو فارين فنڊيڊ فتني ڪرش ڪيو آهي، عمران خان اوهان ڪرپشن ناهي ڪئي پر چار سال ڌاڙا هنيا آهن. سڌ سماءُ واري وزير چيو ته جاسوسي جي اجازت اوهان پاڻ ئي ڏني هئي. عمران خان اقتدار ۾ ايندي ئي پنهنجي ويجهن ساٿين کان اکيون ڦيري ويو، اوهان کي آزاد ميڊيا جو نه پر پنهنجي اندر موجود فتني جو ڊپ هو. مريم اورنگزيب چيو ته چونڊون آئيني مدو پورو ٿيڻ بعد ايندڙ سال ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button