پاڪستانسنڌ

سکر ڀرسان زمين جي تڪرار تان جهيڙو، ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا قتل

سکر: سکر جي ڪچي ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڀائرن سميت 4 ڄڻا قتل. خبر موجب سکر جي ڪچي واري علائقي باگڙجي ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران هڪ ٻئي تي جديد هٿيارن سان حملا ڪيا ويا، ٻنهي ڌرين ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو. جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن سڳن ڀائرن نادر علي جتوئي، محمد صالح، سردار علي جتوئي ۖۖ۽ واحد بخش جتوئي قتل ٿي ويا. واقعي بعد علائقي ۾ ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن. جڏهن ته علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو آهي. اطلاع ملڻ تي سکر شهر جي مختلف ٿاڻن جي اٽالن پهچي ڪري علائقي کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو. پوليس جھيڙيندڙ ڌرين وٽ پهچي مارجي ويلن جا لاش کڻائي سول اسپتال سکر پوسٽ مارٽم لاءِ آندا، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻي طرف رات دير تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو. پوليس موجب واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ياد رهي ته ڪشمير ۽ وزير عطراڻي جتوئي ڌرين ۾ زمين جي مالڪيءَ تان 20 ڄڻا مارجي چُڪا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button