پاڪستانشوبز

کهڙا لڳ مال چارڻ تان جهيڙو، هڪ ڀا قتل، ٻيو مرڻينگ

کهڙا: کهڙا لڳ وڻ جي ڀيل تان ٻن ڌرين ۾جهيڙو، گوليون ۾ هڪ ڄڻُو قتل، ٻيو ڀا زخمي، 3 ڄڻا گرفتار رپورٽ موجب کهڙا لڳ ڳوٺ مرچل اڄڻ ۾ گهرن اڳيان پوکيل وڻ جي ڀيل تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب مال چاريندڙ 30 سالن جو نوجوان محمد ڀاڳيل اڄڻ قتل ٿي ويو. جڏهن ته سندس ڀاءُ نصير احمد اڄڻ زخمي ٿي پيو. اطلاع تي کهڙا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي گمس اسپتال منتقل ڪيو. مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. هوڏانهن کهڙا پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن تي چڙهائي ڪري ولي محمد اڄڻ، فتح محمد اڄڻ ۽ حاجي عطا محمد اڄڻ کي گرفتار ڪري ورتو. ٻي پاسي مقتول نوجوان محمد ڀاڳيل اڄڻ جي چاچي مرچل اڄڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ظالمن مال چاريندڙ ٻن نوجوان ڀائرن مٿان فائرنگ ڪري هڪ کي قتل ۽ ٻئي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او کهڙا اختيار حسين مڱريو ٻڌايو ته گهرن اڳيان وڻ جي ڀيل تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا آهن، پر ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button