پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ تي رهواسين جو ڌرڻو جاري

ٽنڊوجان محمد: ٽنڊوجان محمد ۽ ڀرپاسي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، رھواسين 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد ٻئي ڏينھن با عورتن سان گڏ ڌرڻو هنيو. شهر ۽ ڀرپاسي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ارباب گروپ جي اڳواڻ احسان جروار ۽ محمد علي ڪلوئي جي اڳواڻي ۾ لڳل احتجاجي ڌرڻو 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد ٻي ڏينھن به جاري رهيو، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن به شرڪت ڪئي ۽ چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. ڊي ايس پي ڊگھڙي ٻئي ڏينهن احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون، جيڪي ناڪام رھيون. ڌرڻي ۾ ارباب عنايت الله پڻ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي ھن جو چوڻ ھو ته ٻن ڏينھن کان ماڻھو احتجاج ڪري رهيا آهن، پر انتظاميا ڳالھائڻ لا تيار ناھي، ھي ماڻھو حڪمرانن کان ڪا امداد نٿا گھرن ۽ نه ئي امداد ھي اسان جي ماڻھن کي ڏيندا، ھنن جو سادو مطالبو آھي ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڏيو، حڪمرانن کان اھو به نه ٿو ٿئي. احسان جروار ۽ محمد علي ڪلوئي چيو ته اسان جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي سهولتون ڏنيون وڃن. انتظاميا چاھي ته ھيستائين مشينون لڳائي گھڻو پاڻي ڪڍرائي سگھي پئي، اسان سان ڪو ذميوار آفيسر ڳالھائڻ لا تيار ناھي، ٻن ڏينهن کان روڊ تي ويٺا آھيون، رحم ڪيو وڃي. پاڻي نيڪالي تائين احتجاج جاري رهندو. ڌرڻي سبن روڊ تي لوڊر گاڏين جون قطارون لڳل آھن ۽ ملازم طبقو گاڏيون بند ھجڻ سبب ڊيوٽين تي پھچڻ کان قاصر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button