پاڪستانسنڌ

عوام عمران خان جي خوني مارچ ۾ شرڪت نه ڪري:ڪامران ٽسوري

ميهڙ: گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي باني بشير احمد فاروقي سان هيليڪاٽر ذريعي ميهڙ پهچي ٻوڏ متاثرين لا قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو افتتاح ڪري عارضي قائم ڪيل اسڪول، ڊسپينسري، مسجد ۽ خيمن جو دوۡرو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻوڏ جي تباھڪارين کانپو سندن بحالي لا سنڌ سرڪار ۽ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ پاران ڪيل ڪم ساراھه جوڳو آھي، جلد سمورن کاتن جي آفيسرن جي گورنر هائوس ۾ ميٽنگ سڏائي گورنر جي حيثيت ۾ جيڪو ٻوڏ متاثرن جي ڀلائي لا ڪم منهنجي وس ۾ هوندو، اهو ڪندس. سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي تباهي ٿي آھي، ٻوڏ متاثر جيڪي ٻوڏ جي تباھڪارين کانپو جيڪا زندگي گذارين پيا، تنهن مان خوف پيو ٿئي، هي وقت سياست جو نه پر سمورين پارٽين کي گڏجي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا ڪردار ادا ڪرڻ جو آهي. گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڌرتي محبت جي ڌرتي آھي، سنڌي عوام پنهنجي ملڪ جي عزت رکڻ لا ڌرڻا، جلسا ۽ مارچ ڪرڻ بدران هڪ ويلي جي ملندڙ ماني ۾ خوش آھن، جن جي قدرن جو اسان کي احساس آھي، سنڌي ماڻهن لا هاڻي گورنر هائوس جا دروازا هر وقت کليل آھن ۽ هو گورنر هائوس اچن ۽ مان انهن ڏانهن پيو ايندو رهندس. عمران خان کي اپيل ڪريان ٿو ته ملڪ ۾ پيدا ڪيل انتشار کان پاسو ڪري، پاڪستان جي ترقي ۽ معشيت کي تباھه ڪرڻ بدران پنهنجن سمورن ماڻھن سان گڏ اچي هنن مصيبت ۾ ڦاٿل ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري. عمران خان جي خوني مارچ ۾ عوام کي شرڪت نه ڪرڻ گهرجي، خدا نه ڪري ڪو وڏو واقعو پيش ٿئي ۽ ڪنهن جو گهر اجڙي وڃي. ان موقعي تي گورنر سان گڏ سندس پرسنل سيڪريٽري سيد صيف الرحمان شاهه، ڊي سي دادو مرتضى شاھه، اي سي ميهڙ محسن علي شيخ گڏ ھئا. هوڏانهن بشير احمد فاروقي 100 ٻوڏ متاثرن کي نوان گهر ٺهرائي ڏيڻ سان گڏ سال لا راشن ۽ آبادگارن کي ٻج توڙي ڀاڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button