پاڪستانسنڌ

جمن دربدر جو وڇوڙو سنڌ لا نقصان آهي:اياز پليجو

عمرڪوٽ: قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ روحل وا پهچي سنڌ جي انقلابي شاعر ماما جمن دربدر جي وڇوڙي تي حليم باغي، سگهڙ ساند ۽ راڻو ساند سان تعزيت ڪري ڏک ونڊيو ۽ قبر تي حاضري ڀري “وٺي هر هر جنم وربو” ڳائي ڀيٽا پيش ڪئي، جنهن بعد انڙآباد پهچي ڏاهي ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي مزار تي حاضري ڀري لفظي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ماما جمن دربدر جو وڇوڙو سنڌ لا وڏو نقصان سمجهان ٿو، جمن دربدر سدائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف گيت چوندو رهيو، جمن دربدر اندر ۾ سنڌ سان محبت سمايل هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button