عمرڪوٽ: قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ روحل وا پهچي سنڌ جي انقلابي شاعر ماما جمن دربدر جي وڇوڙي تي حليم باغي، سگهڙ ساند ۽ راڻو ساند سان تعزيت ڪري ڏک ونڊيو ۽ قبر تي حاضري ڀري “وٺي هر هر جنم وربو” ڳائي ڀيٽا پيش ڪئي، جنهن بعد انڙآباد پهچي ڏاهي ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي مزار تي حاضري ڀري لفظي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ماما جمن دربدر جو وڇوڙو سنڌ لا وڏو نقصان سمجهان ٿو، جمن دربدر سدائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف گيت چوندو رهيو، جمن دربدر اندر ۾ سنڌ سان محبت سمايل هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close