پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ موٽرسائيڪل سلپ، نوجوان فوت، ٻيو زخمي

مٺي: مٺي جي سازدا لڪ وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هڪ نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. شھر جي سازدا لڪ واري موڙ وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿي وئي، جنهن سبب موٽرسائيڪل سوار نوجوان امرت ميگھواڙ موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻلهو ميگھواڙ زخمي ٿي پيو، فوتي نوجوان جو لاش مٺي سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد اباڻي ڳوٺ ڪوئنرل روانو ڪيو ويو ۽ زخمي نوجوان کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، فوتي جو تعلق ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ ڪوئنرل سان هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button