پاڪستانسنڌ

وڪيلن جمهوريت جي بقا لا آمرن سان مهاڏو اٽڪايو:منور ٽالپر

ميرپورخاص: معاشري ۾ وڪيل برادري جي خاص اھميت آھي، وڪيلن جمھوريت جي بقاءَ لاءِ آمرن سان مھاڏو اٽڪايو. اھڙو اظھار پ پ ايم اين اي مير منور ٽالپر ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ، ڊسٽرڪٽ بار جو صدر وڪيل شوڪت راھمون، وڪيل محبوب ڪپري، وڪيل مير نعيم ٽالپر ۽ وڪيل علي حسن چانڊيو سميت وڏي تعداد ۾ وڪيل موجود ھئا. مير منور ٽالپر وڌيڪ چيو ته ميرپورخاص بار صوبي جي چوٿين نمبر بار آھي، ھن بار کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي بينظير ڀٽو پڻ خطاب ڪيو، ھن بار ناليوارا وڪيل ۽ جج پيدا ڪيا آهن، ميرپورخاص بار جي وڪيلن انصاف جي فراهمي ۾ ھميشه پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر شوڪت راھمون بار کي درپيش مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو ته بار کي سنڌ حڪومت پاران ساليانو جيڪي فنڊ ملن ٿا، اھي تمام گھڻا گھٽ آھن. ايم اين اي مير منور ٽالپر وڏي وزير سان ڳالھائڻ سميت ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي مير منور ٽالپر ضلعي ڪائونسل پاران 2 لک جو چيڪ صدر وڪيل شوڪت راھمون کي حوالي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button