پاڪستانسنڌ

ڀاوي جو تڙ جي متاثرن سان ڳالهيون، مطالبا مڃڻ جي خاطري

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ ون جي ايريا جي متاثر ڳوٺ ڀاوي جو تڙ جي رهواسين پنجين ڏينهن به ڳوٺ جي سماجي اڳواڻ ڏنل شاھه راز، لاڻو خان خاصخيلي، گڻيس ڀيل، هاشم خاصخيلي، ملوڪ خاصخيلي، سومار، ڪريم، آچار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ڳوٺاڻن جي احتجاج جون ميڊيا ۾ خبرون اچڻ تي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ نوٽيس ورتو. انهي سلسلي ۾ ڊائريڪٽر سنڌ ڪول اٿارٽي ۽ انرجي ڊپارمينٽ ظهير عابد ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام مصطفى بجير، ڊائريڪٽر محمد طارق ڪلو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عمير قائمخاني ۽ بهادر بجير تي ٻڌل ٽيم جوڙي وئي. ٽيم اسلام ڪوٽ پهتي، جتي هنن پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ لکت ۾ مطالبا ورتا ۽ بلاڪ ون جي انتظاميا سان به ملاقات ڪئي. ان سلسلي ۾ ظهير عابد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پهتل ٽيم متاثرن سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جي احتجاج جو صوبائي وزير امتياز شيخ نوٽيس ورتو آهي، ان جي هدايت تي اسان توهان وٽ پهتا آهيون، توهان پنهنجا جيڪي به جائز مطالبا آهن، اهي لکت ۾ ڏيو، اسان اهي مطالبا ٿرڪول بلاڪ ون جي انتظاميا ۽ صوبائي وزير کي پيش ڪنداسين ۽ ڪمپنين کي پابند بڻايو ويندو ته توهان جا جيڪي جائز مطالبا آهن، اهي فوري حل ڪن. ڳوٺاڻن ٽيم توڙي ميڊيا جي آڏو پنهنجا خدشا بيان ڪندي دانهيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ بلاڪ ون ڀرسان آهي ۽ پاور پلانٽ گهرن جي ويجهو آهي، اسان جون زمينون توڙي گوئچر به بلاڪ ون ۾ آهن، سڀ کان وڌيڪ متاثر اسان ٿيا آهيون، پر ڪمپنيون اسان کي ڪي به سهولتون نٿيون ڏين، ايتري تائين جو ڳوٺ کي متاثر ئي تسليم نٿيون ڪن، اسان کي روزگار ۾ به نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو، ڪمپنين جيڪي واعدا ڪيا يا آسرا ڏنا، انهن تي به عمل نٿو ڪيو وڃي، ڪمپنين جو ڪو ذميوار عملدار اسان سان ڳالهائڻ لا تيار نه آهي، چون ٿا ته توهان اسان جي بلاڪ ۾ نٿا اچو، اسان کي زمينن جو معاوضو به نٿو ڏنو وڃي، جيڪي چيڪ ڏنا ويا، اهي پاس نٿا ٿين، معاوضي لا اڄ به دربدر آهيون، روزگار به من پسندن ۽ ڌارين کي ڏنو پيو وڃي، جيڪي مقامي نوجوان شروع ۾ روزگار سان لڳا، انهن کي به ڪڍيو ويو آهي، ٺيڪا به ڌارين کي ڏنا وڃن پيا. جيستائين جائز مطالبا حل نٿا ٿين، تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button