پاڪستانسنڌ

ميهڙ جون 17 يوسيز اڃا ٻڏل، متاثر پريشان، عوامي تحريڪ جي ريلي

ميهڙ: ميهڙ تعلقي جي 17 يوسيز مان 3 مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، مسلسل ٻوڏ جو پاڻي بيهڻ سبب ڳوٺن ۾ سوين متاثر مرد، عورتون ۽ ٻار گيسٽرو، مليريا، ڊائيريا، چمڙي ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، جن جي علاج لا مقامي صحت کاتي جي عملدارن ڪا ٽيم ناهي موڪلي. واهر نه ٿيڻ ڪري هزارين ٻوڏ متاثر سپريو بچا بند، ايف بچا بند، ايم اين وي ڊرين جي ڪپرن سميت مختلف روڊن رستن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا ڪا مدد ناهي ڪئي. ٻئي پاسي تعلقي مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، ڊي سي دادو ۽ مختيارڪار ميهڙ پاران ٻوڏ متاثرن جي امداد ۾ غبن ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ايڊووڪيٽ منصور احمد چانڊيو، امتياز علي سيال، ايڊووڪيٽ منصور رفيق جتوئي ۽ رستم علي سرگاڻي جي اڳواڻي ۾ سئنيما چوڪ کان هٿن ۾ جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري شھر جي مختلف رستن جو گشت ڪري مک چوڪ گهنٽا گهر ۽ ڀٽائي پريس ڪلب آڏو ڌار ڌار مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي تباھڪارين کي 3 مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين ميهڙ تعلقي جي ٻڏي ويل 17 يوسي مان اڃا تائين 11 يوسيز جي سوين ڳوٺن ۾ 4 کان 6 فوٽن تائين ٻوڏ جو گندو پاڻي بيٺل آھي، جيڪو نيڪال نه ٿيڻ ڪري هزارين ٻوڏ متاثر بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن، پر ضلعي توڙي تعلقي انتظاميا غائب آھي، ٻوڏ متاثرن لا ايندڙ سامان ڊي سي دادو ۽ مختياڪار ميهڙ ھڙپ ڪري رهيا آھن. هنن چتا ڏنو ته 11 يوسيز مان پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو ته عدالت ۾ وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button