پاڪستانسنڌ

سانگهڙ لڳ ٻوڏ متاثر ڪٽنب جو ٻارڙو واهه ۾ ڪري فوت

سانگھڙ: سانگهڙ ڀرسان سم واھه جي بند تي پناهھ وٺي ويٺل ڪولهي برادري جو 6 سالن جو معصوم ٻارڙو روي ڪمار پٽ ورجانگ ڪولهي راند ڪندي پير ترڪڻ سبب سم واھه ۾ ڪري فوت ٿي ويو، وارثن لاش ڪڍي ورتو، پر ڪفن دفن لاءِ پئسا نه هئڻ ڪري لاش ڪيترائي ڪلاڪ سم واھه جي بند تي رکي وارث واهر لاءِ واجهائيندا رهيا. سوشل ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد ايس ايڇ او سانگهڙ محمد زاهد ڪمبوهه ۽ سماجي اڳواڻ عامر راجپوت وارثن جي مالي مدد ڪئي. ٻئي پاسي ڊي سي سانگهڙ اسحاق گاد ٻار جي فوت ٿيڻ جا تفصيل گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڊي سي چيو ته وارثن جي مدد ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button