پاڪستان

ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب 2 فوجي جوان شهيد

ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آ ايس پي آر مطابق ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درا زنده ۾ پاڪ فوج ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن فوجي جوانن شهادت جو درجو ماڻيو. آ ايس پي آر مطابق شهيد ٿيل جوانن ۾ نائيڪ ساجد حسين ۽ سپاهي محمد اسرار شامل آهن، جن مان 33 ورهين جي نائيڪ ساجد جو تعلق خوشاب ۽ 26 ورهين جي سپاهي محمد اسرار جو تعلق اٽڪ سان هو، جڏهن ته دهشتگردن جي خاتمي لا علائقي جي ڪليئرنس وارو عمل جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button