سنڌ

ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ٻن نوجوانن جا مڙهه مٽي ما حوالي

ڪراچي ۾ هجوم هٿان بيدرديءَ سان قتل ڪيل موبائيل ڪمپني جي ملازم ايمن جاويد جي مڪلي ۾ جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي، هجوم هٿان وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل ڊرائيور اسحاق پنهور جي ٺارو شاهه ويجهو ڳوٺ محمد هاشم پنهور ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جڏهن ته مڙهه آلين اکين سان مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيا ويا،بيدرديءَ سان قتل ڪيل ٻنهي ملازمن جي جنازي ۾ ڪو به چونڊيل نمائندو شريڪ نه ٿيو. گذريل ڏينهن ٻنهي ملازمن کي مڇر ڪالوني ۾ جنوني ماڻهن جي هجوم پٿر، سروٽا ۽ ڏنڊا هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو. ٻنهي ملازمن کي بچائڻ جي ڪوشش دوران 4 پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا هئا، ٻنهي مقتولن جي وارثن قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن مڇر ڪالوني ۾ هجوم هٿان بيدردي سان قتل ڪيل موبائل ڪمپني جي ٻن ملازمن جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.مقتول اسحاق جي چاچي جي فرياد تي ڊاڪس ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.ڪيس ۾ 15 سڃاتل ۽ 250 اڻ سڃاتل جوابدار نامزد آهن، پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن موبائل ٽاور جا سگنل چيڪ ڪرڻ لاءِ ويل ٻن ملازمن ٺٽو واسي ايمن جاويد ۽ نوشهروفيروز واسي اسحاق پنهور کي اغواڪار ڄاڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button