پاڪستان

پاڪستان ۾ هلندڙ سال معمول کان وڌيڪ ٿڌ ۽ برفباري جي اڳڪٿي

پاڪستان ۾ هلندڙ سال معمول کان وڌيڪ ٿڌ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. خانگي ٽي وي مطابق موسميات بابت تجزئي نگار جواد ميمڻ جو چوڻ آهي ته نومبر جي ٻئي هفتي کان سڄي ملڪ ۾ شديد سي جو امڪان آهي، نومبر جي پهرئين هفتي کان اتر قطب تي موجود ٿڌين هوائن جو واچوڙو ڪمزور ٿي ويندو، ٿڌين هوائن جي انهي موسمياتي ڪيفيت کي پولر ورٽيڪس چيو ويندو، جيڪو ڪمزور ٿيڻ جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي موسم ٿڌي ٿيڻ لڳندي آهي. هن چيو ته نومبر جي مهيني ۾ سڄي ملڪ اندر اولهندي هوائن جو سسٽم اثرنداز ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ٻئي هفتي کان سڄي ملڪ ۾ شديد ٿڌ جي لهر پکڙجي سگهي ٿي، هلندڙ سال سياري جي مد ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن ۽ برفباري جو به امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button