اسلام آبادپاڪستان

عمران خان سان ساڳين ادارن تعاون ڪيو پر کيس عزت راس نه آئي:خواجا آصف

بچا واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اڄ جنگ بيانئي ۽ ميڊيا جي سهاري وڙهي وڃي ٿي، عمران خان هن دور ۾ آ ايس آ کي ٽارگيٽ ڪري فوج کي پنهنجي تقريرن جو موضوع بڻايو آهي، جنهن سان اهڙو بيانيو يا موقف ٺهيو آهي جيڪو ڀارت جو ته ٿي سگهي ٿو پر ڪنهن پاڪستاني جو هرگز نٿو ٿي سگهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته خاص طور تي اهو پاڪستاني جنهن سان انهن ساڳين ادارن مڪمل سهڪار ڪيو ۽ هن وطن عزت بخشي جيڪا کيس راس نه آئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button