پاڪستان

لانگ مارچ گوجرانوالا ۽ ٻين شهرن ۾ زندگي جو ڦيٿو روڪي ڇڏيو،شهري سخت متاثر

تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ سبب لاهور جيان گوجرانوالا، ڪامونڪي ۽ ٻين رستي ۾ ايندڙ شهرن ۾ زندگي جو عام ڪاروهنوار مفلوج بڻجي ويو آهي، خاص طور تي ڪاروبار سان لاڳاپيل شهري ۽ ڏهاڙي ڪمائيندڙ طبقو بندش سبب سخت متاثر ٿي رهيو آهي. مليل ڄاڻ موجب لانگ مارچ سبب سرڪاري عملو شهر کي ڇڏي صرف مارچ جي روٽ تي صفائي ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ڪامونڪي ميونسپل ڪارپوريشن ملازمن شهر جي رستن ۽ سروس روڊ کي چمڪائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف ڪارڪنن جي آساني لا گند ڪچرو هٽائي رستن تي چونو هاريو ويو آهي. واضح رهي ته لاهور ۾ ميٽرو بس سروس کي به لانگ مارچ سبب ڪجهه ڏينهن لا معطل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button