پاڪستانسنڌ

ٿرپارڪر جي 444 ايل ايڇ ويز کي 5 سالن کان پگهارون نه مليون، احتجاج

ڇاڇرو: ٿرپارڪر ضلعي ۾ 2018ع ۾ ڀرتي ٿيل 444 ليڊي هيلٿ ورڪرز کي 5 سالن کان پگهارون نه مليون، جنهن سبب سندن گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي، ڪيترين ئي ليڊي هيلٿ ورڪرز سخت احتجاج ڪيو. ان سلسلي ۾ ٿرپاڪر ضلعي ۾ 2018ع ۾ ڀرتي ٿيل 444 ليڊي هيلٿ ورڪرز کي 5 سال گذرڻ باوجود پگهارون نه ملي سگهيون آهن، جنهن سبب ايل ايڇ ويز جي گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي. پگهارون نه ملڻ خلاف ليڊي هيلٿ ورڪرز مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهن. گذريل ڏينهن ليڊي هيلٿ ورڪرز مينا، گڏي، زينب، پاروتي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري صحت کاتي جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته پگهارن لاءِ ٿر جي چونڊيل نمائندن آڏو شڪايتون ڪيون، مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود ڪوبه نوٽيس نٿو وٺي، جنهن سبب پريشان آهيون. هنن سنڌ حڪومت ۽ هائي ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ريگيولر ڪري پگهارون جاري ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button