اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ٻوڏ سان زراعت تباهه،ڪڻڪ جو پيداواري هدف 28 ڏهائي 37 ملين ٽن مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت ماهوار اقتصادي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مستحڪم ڪرنسي لاءِ مضبوط معيشت ضروري آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي رپورٽ موجب ٻوڏ سان زراعت تباهه ٿي چڪي آهي، ڪمند جي پيداوار 8 سيڪڙو، چانورن جي پيداوار 40 ڏهائي 6 سيڪڙو ۽ ڪپهه جي پيداوار 24 ڏهائي 6 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي. ڪڻڪ جو پيداواري هدف 28 ڏهائي 37 ملين ٽن مقرر ڪيو ويو آهي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جولاءِ کان سيپٽمبر تائين مهانگائي 25 ڏهائي هڪ سيڪڙو رهي، جڏهن ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ مهانگائي 8 ڏهائي 6 سيڪڙو هئي

ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ آڪٽوبر ۾ تيل جا اگهه گهٽ ٿيا پر سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ آڪٽوبر ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. رپورٽ موجب جولاءِ کان سيپٽمبر تائين بجيٽ خسارو 672 ارب رپيا رهيو، مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ بجيٽ خسارو 45 ڏهائي 4 سيڪڙو وڌيو پر گذريل سال ان ئي عرصي ۾ بجيٽ خسارو 462 ارب رپيا هو. انگن اکرن تحت مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ ايف بي آر جون اوڳاڙيون 17 سيڪڙو وڌيون، جولاءِ کان سيپٽمبر تائين برآمد ۾ 5 ڏهائي 5 سيڪڙو واڌ ٿي، درآمدون 7 ڏهائي 9 سيڪڙو گهٽ ٿيون، جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 2 ارب 20 ڪروڙ ڊالر رهيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 26 آڪٽوبر 2022 تائين اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 8 ارب 88 ڪروڙ 40 لک ڊالر رهيا پر مجموعي معاسي صورتحال بهتر نظر اچي رهي آهي.

.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button