اسلام آبادپاڪستان

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڄ ڪراچي طلب

اسلام آباد: وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سومر تي ڪراچي گھرائي ورتو آهي.ذريعن موجب ايف آءِ اي عمران خان کي 31 آڪٽوبر سومر تي ڪراچي آفيس ۾ گھرايو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان تي طارق شفيع جي اڪائونٽ مان پي ٽي آءِ اڪائونٽ ۾ 5 ڪروڙ 62 لک رپيا وٺڻ جو الزام آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي 31 آڪٽوبر تي ڏينهن جو ٻه وڳي ايف آءِ اي ڪراچي جي آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته هلندڙ مهيني 5 آڪٽوبر تي ايف آءِ اي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ڪراچي پي ٽي آءِ کي ٻاهرين ملڪ مان غيرقانوني طور تي ڪراچي جي بئنڪ اڪائونٽ ذريعي رقم منتقل ڪرڻ جا ثبوت ملڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ سيد عارف مسعود نقوي، پي ٽي آءِ عهديدار طارق شفيع ۽ محمد رفيع لاکاڻي نامزد جوابدار آهن. جڏهن ته رقم جي غيرقانوني منتقلي ۾ شامل ملڪي ۽ غيرملڪي ڪمپنين کي به ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو ويو. ايف آءِ اي جاچ دوران ابراج گروپ جي عارف مسعود نقوي جي ويجهي ساٿي ۽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي مالياتي بورڊ جو ميمبر طارق شفيع سامهون آيو. جاچ دوران ثابت ٿيو ته والٽن ڪرڪٽ لميٽڊ جي اڪائونٽ مان 5 لک 57 هزار آمريڪي ڊالر طارق شيفع جي ڪراچي ۾ پرڏيهي بئنڪ جي برانچ اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيا، هي رقم 7 مئي 2013 تي ڪراچي جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ وصول ۽ 8 مئي تي ان ئي اڪائونٽ مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسلام آباد جي خانگي بئنڪ ۾ ٽرانسفر ڪئي وئي.ڪيس موجب طارق شفيع جي انهي اڪائونٽ ۾ برٽش ورجن آءِ لينڊ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين مان هڪ ڏهائي 84 ملين ڊالر وصول ٿيا، سموري ٽرانزيڪشن مختلف ڪمپنين ۽ ماڻهن جي ملي ڀڳت 1947 ايڪٽ جي ڀڃڪڙي سان ڪئي وئي، جوابدارن تي فنڊز جي اصل نوعيت، هنڌ، چر پر ۽ ملڪيت لڪائڻ جو به الزام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button