
اسلام آباد:پوڏ متاثر علائقن ۾ هيلٿ ڪيمپس ذريعي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب صحت جي وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ 1200 هيلٿ ڪيمپس لڳائڻ جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي. هيلٿ ڪيمپس ۾ سڄي ملڪ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صحت جي سهولتن کي ممڪن بڻايو ويو آهي. وفاقي وزير چيو هيلٿ ڪيمپس ۾ 386160 مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون ويون آهن جن ۾ 87260پنجن سالن کان گهٽ عمر جا ٻار شامل آهن، 34273 ٻارن جي ويڪسينيشن ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 106908 عورتن کي پڻ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.