اسلام آبادپاڪستان

توشا خانا ڪيس ۾ نااهلي خلاف عمران جي درخواست تي اڄ شنوائي

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توشا خانا ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن پاران نااهل قرار ڏيڻ جي فيصلي جي خلاف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي درخواست تي شنوائي اڄ سومر تي ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس عامر فاروق عمران خان جي درخواست جي شنوائي ڪندو. عمران خان جي نااهلي جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته عمران خان پاران بئريسٽر علي ظفر 22 آڪٽوبر تي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن عمران خان جي خلاف داخل ڪيل توشا خانا ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي ان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button