اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ٿر ۽ گوادر ۾ تيز رفتار نيٽ لاءِ 2 منصوبا شروع ڪيا آهن:امين الحق

اسلام آباد: انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير امين الحق چيو آهي، ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت ٿرپارڪر ۽ گوادر ضلعن ۾ موبائيل ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ جي خدمتن جي فراهمي لاءِ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جا منصوبا شروع ڪيا آهن، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسان سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ بنا ڪنهن فرق جي براڊ بينڊ ۽ او ايف سي ۽ ٻين ڪنيڪٽيويٽي پروجيڪٽن کي مسلسل جاري ڪري رهيا آهن. ٿرپارڪر ضلع لاءِ 870 ملين رپين جو منصوبو 18 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو ۽ 10432 مربع ڪلوميٽر جي ايراضي تي پکيڙيل مختلف غير محفوظ ڳوٺن جي 72 هزار کان وڌيڪ رهواسين کي موبائيل ۽ براڊ بينڊ جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. امين الحق چيو ته بلوچستان جي ضلع گوادر جي 19 ڳوٺن ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ 188 ڏهائي هڪ ملين رپين جي لاڳت سان براڊ بينڊ پراجيڪٽ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته انهن منصوبن جي پڄاڻي سان بلوچستان ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن جا رهواسي نه صرف ڊجيٽل دنيا سان ڳنڍجي ويندا بلڪه پنهنجي روزاني زندگي جي معمولن ۾ پڻ سهولتون ڳولهي سگهندا. هن يو ايس ايف جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ ان جي چيئرمين ايڊيشنل سيڪريٽري محسن مشتاق چاندنا ۽ سي اي او حارث محمود چوڌري کي اهي منصوبا شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button