پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ 2 نوجوانن جي قتل خلاف آپريشن،پوليس مٿان فائرنگ،هڪ جوابدار گرفتار

ڪراچي :ڪراچي ۾ ٻن نوجوانن جي بيرحماڻي قتل کانپوءِ پوليس جو ڪريڪ ڊائون جاري آھي. مڇر ڪالوني ۾ ڪياماڙي پوليس پاران سرچ آپريشن ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس جي آپريشن دوران علائقي واسين پاران پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي. پوليس جوابي فائرنگ ڪري هڪ جوابدار شريف عرف شرفو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي فدا جانوري چيو آهي ته ٻن نوجوانن جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري تائين پوليس جو آپريشن جاري رهندو. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ مڇر ڪالوني ۾ ٺٽي واسي انجنيئر ايمن جاويد ۽ نوشهروفيروز واسي اسحاق پنهور کي تشدد ڪرڻ بعد پٿر هڻي بيدرديءَ قتل ڪيو هو. هوڏانهن ڪراچي واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button