پاڪستان

حياتي وڃائيندڙ رپورٽر جي پونيئرن کي 75 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران ڪنٽينر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿيل عورت رپورٽر صدف نعيم جي پونيئرن لا وزيراعظم شهباز شريف 50 لک رپيا امداد ۽ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي 25 لک رپيا مالي مدد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل اختيارين کي ضابطي جي ڪارروائي فوري طور تي مڪمل ڪري امدادي رقم جو چيڪ رپورٽر صدف نعيم جي وارثن حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم جي اعلان بعد پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي به 25 لک رپين جي امداد جو اعلان ڪيو. وزيراعليٰ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پنجاب حڪومت مرحوما صدف جي ڪٽنب جي مڪمل سار سنڀال ڪندي، هن المناڪ واقعي تي هر دل ڏکويل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button