پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ٽرين حادثي جي 8 فوتين جي وارثن کي پلاٽ ڏنا ويا

ميرپورخاص : تيز گام رحيم يار خان واقعو ملڪ جي تاريخ ۾ ٽرين جو سڀ کان وڏو واقعو ھو، ان حادثي جي شھيدن کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگهجي، جيڪي دين جي تبليغ لاءِ رائونڊ وڃي رھيا ھئا. اهڙن خيالن جو اظھار ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ ۽ سماجي اڳواڻ چوڌري نظام الدين آرائين جي سھڪار سان مقامي حال ۾ شھيدن جي ياد ۾ قرآن خواني ۽ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ويو. ڊي سي چيو ته ٽرين حادثي ۾ ميرپورخاص جا تقريبن 50 ماڻھو شھيد ٿيا، اھا انھن جي وارثن لاءِ ھڪ آزمائش جي گھڙي ھئي، واقعي ۾ 77 ماڻھو شھيد ٿيا، ميرپورخاص جي 42 شھيدن جي وارثن کي ريلوي کاتي پاران 15 ۽ 15 لک رپيا ڏنا ويا آهن، 8 شھيدن جي وارثن کي ھن وقت تائين اھا رقم ناھي ملي، جنهن لا اعلى آفيسرن کي خط لکي ڪوشش ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت پاران ميرپورخاص جي 50 شھيدن جي وارثن کي نوڪرين جي اعلان مطابق انتظاميا ڪوششون تيز ڪندي. ان موقعي تي ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد علي، ڊائريڪٽر انفارميشن حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر اون فارم واٽر مئنيجمينٽ نعمان ھاليپوٽو، اي سي محمد حسن کوسو، يوسي چيئرمين محمد علي، مبارڪ علي مھر، محمود صابري، انجمن تاجران جي امين ميمڻ، انيس الرحمان شيخ، فيصل خان زئي ۽ ٻيا موجود هئا. تقريب ۾ سماجي اڳواڻ چوڌري نظام الدين گمشده 8 شھيد خاندانن جي وارثن کي 14-14 لک جي لاڳت جي پلاٽ جا ڪاغذ ڏنا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button