سنڌ

مڇر ڪالوني سانحي شهيدن جي وارثن لا 50-50 لک معاوضي جو اعلان

سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ مڇر ڪالوني واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، وڏي وزير هلندڙ اجلاس دوران آ جي سنڌ کي طلب ڪري ورتو. ڪابينا کي آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ مڇر ڪالوني واري واقعي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مڇر ڪالوني ۾ مڇريل ماڻھن پاران ٻن ڄڻن جنهن ۾ ٺٽو جي ايمن جاويد ۽ نوشهروفيروز جي اسحاق پنهور کي تشدد ڪري ماريو ويو. فوتي ماڻهو موبائل ٽاور جو سگنل چيڪ ڪرڻ لاءِ اتي پهتا پر رهواسين کين ٻار اغوا ڪندڙ سمجهي قتل ڪري ڇڏيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته فوٽيجز ۾ سڃاڻپ ٿيل 15 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وڏي وزير چيو ته اهڙن واقعن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مڇر ڪالوني ۾ ڏوهن جي ور چڙهيل ۽ اهڙي ريت جا ٻيا واقعا جن ۾ مڇريل ماڻهن طرفان ڏوهارين کي مارڻ، اهو عوام جي پوليس تي اعتماد تي سواليه نشان آهي، تنهنڪري اسان کي قانون ۾ ترميم ڪرڻي پوندي ته جيئن انصاف جي نظام کي هٿي وٺرائي سگهجي ۽ پوليس تي عوام جو اعتماد وڌائڻو آهي. ڪابينا مڇر ڪالوني جي هر هڪ متاثر لاءِ 50-50 لک رپيا معاوضي جي منظوري ڏيندي امتياز شيخ، مرتضيٰ وهاب، صادق ميمڻ، آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽري تي ٻڌل ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جيڪا ان معاملي تي غور ويچار ڪندي ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. ڪميٽي اهڙن ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامي پوليس فورس جوڙڻ جي ضرورت جو به جائزو وٺندي. فورس کي لاڳاپيل تربيت ڏني ويندي ۽ گهربل سامان/ هٿيارن سان ليس ڪيو ويندو. ڪابينا حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button