پاڪستان

ارشد شريف جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن قائم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم تي صحافي ارشد شريف ڪيس جي جاچ لاءِ ٽن ميمبرن تي ٻڌل انڪوائري ڪميشن جوڙيو ويو آهي. جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن مطابق ڪميشن جي ميمبرن ۾ ايڊيشنل آءِ جي پوليس ڊاڪٽر عثمان انور، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ بي عمر شاهد حامد شامل آهن جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس ريٽائرڊ عبدالشڪور کي ان جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق ڪميشن سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل ڪيس جي جاچ ڪندو ۽ 30 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ وفاقي حڪومت کي پيش ڪندو. ڪميشن ۾ شامل ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ بي عمر شاهد حامد هن وقت ٻه رڪني ان جاچ ٽيم ۾ به جيڪا هن وقت ڪينيا ۾ ارشد شريف قتل ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button