پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ ڀٽائي پريس ڪلب مان چوري، احتجاج

ميهڙ: ميهڙ شھر ۾ بدامني وڌي وئي. وچ شھر قائم ڀٽائي پريس ڪلب ۾ نامعلوم چور دري جا تالا ٽوڙي بيٽريون ۽ ٻيو هزارين رپين جو سامان چوري ڪري ويا، اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او بي سيڪشن نور مصطفى پٺاڻ ۽ ون فائيو انچارج منظور منگي پهچي جا واردات جو جائزو وٺي ڀرپاسي جي ماڻھن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي. هوڏانهن ڀٽائي پريس ڪلب جي صدر ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري بابو عبدالله سومرو، امير علي کوهارو، صدام حسين شاھه، وحيد علي سومرو، عابد علي جوڳرو، دربان علي کوکر، صدا حسين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحافين احتجاج ڪندي ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري سامان واپس ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي شيخ پاڙي ۾ نامعلوم چاٻي چور مظفر جهتيال جي موٽرسائيڪل جا تالا ٽوڙي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، شھرين پيڇو ڪري ريشم گلي بازار ڀرسان چور کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪيو. جوابدار پنهنجا مختلف نالا ۽ ذاتون ٻڌائڻ لڳو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button