پاڪستانسنڌ

عمران خان جي لانگ مارچ جيترا ماڻهو اڳ ڪڏهن نه ڏٺا:لياقت جتوئي

راڌڻ: تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي خان جتوئي عمران خان جي لانگ مارچ ۾ وڃڻ کان اڳ ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته اسان ۽ عمران خان جو مطالبو آهي ته ملڪ ۾ شفاف اليڪشن ڪرائي انساني حقن جو قدر ڪيو وڃي، ماڻهن سان ظلم نه ڪيو وڃي، انھن جا به گهر آهن، ٻار آهن، اھو ناھي ته انهن کي ڊيڄاري ڌمڪائي اوھان اھڙي طرح حڪومت ڪندا ته نھ ھلي سگھندا. اوھان ھڪ سال اڳ جن لا چوندا ھئا ته ھو ملڪ کائي تباهه ڪري ويا، اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي، اڄ انهن سان گڏ ويٺا آھيو، عمران خان جو جيڪو ھي ڪافلو آهي، ان ۾ ماڻهن جو ڇا ته جذبو آهي، ڇا رجحان آهي، ڇا انقلاب آهي. ھن چيو ته پنجاپ ۾ لانگ مارچ ۾ جيڪي ماڻهو آهن، اھڙو لانگ مارچ ۽ ايترا ماڻھو زندگي ۾ ڪڏهن ناھن ڏٺا، ڇاڪاڻ ته عمران خان ماڻھن جي دل تي تبديلي چاھي ٿو، عمران خان پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني چاهي ٿو. عمران خان جي قافلي کي ڪير به روڪي نٿو سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button