اسلام آبادپاڪستان

پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار،ايندڙ 15 ڏينهن خطرو ٽري ويو

وفاقي سرڪار ايندڙ 15 ڏينهن لا پئٽرول، ڊيزل ۽ ٻين اسمن جا اگهه برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پئٽرول، ڊيزل، لائيٽ ڊيزل آئل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پئٽروليم اسمن جا موجوده اگهه ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رهندا، پيٽرول 224 رپيا 80 پئسا في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو في ليٽر اگهه 235 رپيا 30 پئسا، گاسليٽ 191 رپيا 83 پيسا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جو اگهه 197 رپيا 28 پئسا في ليٽر رهندو. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي پئي وڃي، هاڻي ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 نومبر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button