پاڪستان

لانگ مارچ ۾ هڪ ٻيو حادثو، ٽرڪ جي ٽڪر سبب نوجوان فوت

تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي گوجرانوالا ۾ ڇهين ڏينهن هڪ ٻيو حادثو پيش آيو، قافلي ۾ شامل ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ ڪري موٽر سائيڪل سوار هڪ نوجوان فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي مقامي قيادت ۽ ڪارڪن لانگ مارچ ۾ شرڪت لا ٽرڪ تي وڃي رهيا هئا ته عمران خان جي قافلي جي ڀرسان ٽرڪ هڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن تي 2 ڄڻا سوار هئا. ريسڪيو 1122 اختيارين مطابق فوت ٿيل نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي زخمي نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button