اسلام آبادپاڪستان

عمران گرفتار ٿيو ته کيس مچ جيل جي مرچي وارڊ ۾ رکنداسين:گهرو وزير

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هاءِ ڪورٽ کي امن جو يقين ڏياريندو ته کيس اسلام آباد اچڻ جي اجازت ڏني ويندي. عمران خان گرفتار ٿيو ته کيس مچ جيل جي مرچي وارڊ ۾ رکنداسين. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته عمران خان جي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جو معاملو عدالت ۾ شنوائي هيٺ آهي. ڇا نواز شريف جي منع ڪرڻ باوجود حڪومت ڳالهيون ڪندي؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياست ۾ هميشه ڳالهين جي حمايت ڪئي ويندي آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪو به سياستدان اهو نه ٿو چوي ته اسان ڳالهيون نه ڪنداسين، عمران خان جڏهن ڳالهين جي ڳالهه ڪري ٿو ته گاريون ڏئي ٿو. وفاقي گهرو وزير چيو ته ڳالهيون سياستدانن سان ٿينديون آهن، هو سياستدان ناهي، عمران خان سياسي دهشتگرد آهي. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران خان گرفتار ٿيو ته کيس مچ جيل جي مرچي وارڊ ۾ رکنداسين. مون اهو اختر مينگل سان واعدو ڪيو هو. عمران منهنجي هٿ چڙهي ويو ته کيس معاف نه ڪندس. هو 25 مئي تي اسلام آباد مان ناڪام ويو، کيس ان وقت گرفتار ڪيو وڃي ها ته فتنو وڌيڪ نه ٿئي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button