پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ ڦر دوران واپاري جي زخمي ٿيڻ ۽ بدامني خلاف شهرين جو احتجاج

راڌڻ: راڌڻ ۾ واپاري کي ڦورن طرفان زخمي ڪرڻ ۽ وڌندڙ بدامني خلاف شھرين پاران شاھي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. خبر موجب گذريل رات راڌڻ جي فوٽو اسٽيٽ ۽ فوٽو اسٽوڊيو جي مالڪ گلاب را کي سندس گهر جي در وٽان ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي گولي ھڻي زخمي ڪرڻ ۽ راڌڻ پوليس جي ايس ايڇ او منور چانڊيو طرفان امن امان بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ خلاف راڌڻ بچايو تحريڪ جي چئئرمين عبدالستار ميراڻي، ماما نظير بروھي، شيعا اڳواڻ علي حسن زرداري، عابد وگھيو، فھيم سولنگي، شمن لاکير، امتياز ڪلھوڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ راڌڻ ريلوي ڦاٽڪ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي راڌڻ-موھن جو دڙو روڊ بلاڪ ڪيو ويو. جنهن ڪري راڌڻ-موھن جو دڙو روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڦورو گلاب را کي گولي ھڻي زخمي ڪري ڄڻ ته ماري چڪا آهن پر راڌڻ پوليس جو ايس ايڇ او امن امان بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. پوليس جوان ويزا تي ڇڏي ڏنا آهن، جنهن ڪري پڪٽون خالي آهن ۽ ھو رڳو وڏيرن ۽ ڀوتارن جي بنگلن تي حاضريون ڀرڻ ۾ پورو آهي ان ڪري کيس ھٽائي عوام دوست ايس ايڇ او مقرر ڪيو وڃي. مرچنٽس ايسوسئئيشن جي صدر الله بخش جوڻيجي چيو ته اسان شٽربند ھڙتال جو سڏ ڏنو ھيو پر ڪجهه دڪاندارن چيو اسان کي مکي چيو آهي ته اوھان راڌڻ پوليس خلاف شٽربند ھڙتال نه ڪيو سو اسان شٽربند ھڙتال نه ڪنداسين. ان کان اڳ پڻ حسيني چوڪ تي علي حسن زرداري، ماما نظير بروھي، اصغر زرداري، تاج محمد سومري، نادر سولنگي، فھيم سولنگي جي اڳواڻي ۾ پڻ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button