پاڪستانسنڌ

فارين فنڊنگ ڪيس، ايف آءِ اي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اڳوڻي گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ ٻين جي درخواست تي ايف آءِ اي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آھي. سنڌ ها ڪورٽ پي ٽي آئي پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ ايف آئي اي انڪوائري جي خلاف سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران ايف آئي اي عمران اسماعيل کان علاوه ٻين درخواستن ۾ به جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. ايف آئي اي جواب ۾ چيو ته درخوست گذارن پاران تڪراري بئنڪ اڪائونٽ هلايا پئي ويا. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي بنياد تي انڪوائري شروع ڪئي وئي ڪراچي ۾ ايف آئي اي جي 5 رڪني ٽيم جاچ ڪري رهي آهي ڪراچي ۾ به پي ٽي آئي ميڊيا سينٽر ڪراچي جي نالي سان هڪ بئنڪ اڪائونٽ موجود آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل موقف ڏنو ته ايف آئي اي ڪيس داخل ڪرڻ چاهي ٿي پر منع نامي جي ڪري ڪارروائي متاثر ٿي رهي آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته توهان انڪوائري جلد مڪمل ڪريو منع نامي وارو معاملو ايندڙ شنوائي تي ڏسنداسين. عدالت شنوائي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button