پاڪستانسنڌ

عمران خان تحريڪ انتشار کي وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته فارين فنڊڊ لانگ مارچ مان مايوس ٿي، عمران خان پنھنجي تحريڪ انتشار کي 10 مهينن تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. صوبائي وزير پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان هي اعلان ڪري تسليم ڪري ڇڏيو آهي ته سندن لانگ مارچ ناڪام ٿي چڪو آهي، عمران خان ۽ پي ٽي آئي نام نهام آزادي مارچ ڪڍي ڦاسجي چڪا آهن. هاڻي فيس سيونگ لاءِ بھانا تلاش ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ جي ٽي روڊ جا چڪر لڳائيندو رهندو. ڪوڙو، منافق شخص معصوم پاڪستانين کي گمراھه ڪندو رهيو آهي، ڪوڙا حلفيه بيان جمع ڪري عمران خان اليڪشن ڪميشن، هاءِ ڪورٽس، لوئر ڪورٽس کي گمراھه ڪندو رهيو آھي پر ڪنهن هن شخص جي خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيف جسٽس پاڪستان پڻ ٻن وڪيلن جي ذريعي عدالت کي گمراهه ڪرڻ جهڙا سخت ريمارڪس ڏنا آهن پر ان جي باوجود عمران خان کي هڪ ھفتي جي مهلت ڏني وئي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته چيف جسٽس پاڪستان کي گذارش آهي ته پاڪستان دشمن شخص جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button