پاڪستانسنڌ

پي ٽي آئي حڪومت سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ دلچسپي نه ورتي: ڄام اڪرام الله ڌاريجو

ڪراچي: صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ صوبي کي مڪمل نظرانداز ڪيو آهي، سي پيڪ جي منصوبن ۾ به سنڌ صوبي ۾ هاءِ ويز ۽ موٽرويز جي تعميرات نه ڪئي وئي. هن اها ڳالهه ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. ھن چيو ته سنڌ جي صنعتي زونن ۾ ميگا پراجيڪٽ تحت ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، سنڌ حڪومت انهن منصوبن لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا آهن. ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته وزيراعظم پاڪستان سنڌ صوبي جي صنعتي زونن ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 4 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. تازو برساتن سبب صنعتي انفرااسٽرڪچر به سخت متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ صنعتي ترقي ۾ ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت سنڌ ۾ ڪنهن به ترقياتي منصوبي تي ڪم ناهي ڪيو. صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت سنڌ کي سي پيڪ منصوبن ۾ شامل ناهي ڪيو. صنعتي زونن ۾ صنعتي گندگي جي نيڪال لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم ڪيو ويندو. ھن چيو ته اڪثر منصوبا هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪيا ويندا ۽ سنڌ حڪومت صوبي ۾ صنعتي ترقي لاءِ پرعزم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button