پاڪستانسنڌ

سنڌ جا 26 پوليس آفيسر منشيات فروشن جي سرپرستي ۾ ملوث

ڪوٽڙي: ڄامشوري ضلعي جي ٽن ايس ايڇ اوز سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جا 26 پوليس آفيسر منشيات فروشن جا سرپرست هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آ جي سنڌ پاران ڊي آ جيز کي ليٽر لکي 26 پوليس آفيسرن خلاف انڪوائري ڪري محڪماڻي ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ اي آ جي اسٽيبلشمينٽ سهائي عزيز ٽالپر جي صحيح سان جاري ٿيل ليٽر ۾ آ جي سنڌ پاران ڊي آ جيز کي اهڙي هدايت ڪئي وئي آهي. منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙ پوليس آفيسرن جي جاري ڪيل لسٽ ۾ انسپيڪٽر ۽ سب انسپيڪٽر رينڪ جي 26 ڄڻن جا نالا شامل آهن، منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل پوليس آفيسرن جي جاري ڪيل لسٽ ۾ 4 پوليس آفيسرن جو تعلق ڄامشوري ضلعي سان آهي. لسٽ موجب 1 مٽياري، 1 قمبر، 1 مٺي، 2 خيرپور، 4 دادو، 10 نوشهروفيروز ۽ 2 ڄڻا سجاول جا پوليس آفيسر به شامل آهن. جاري ڪيل لسٽ ۾ ڄامشوري ضلعي جو موجوده ايس ايڇ او نوري آباد انسپيڪٽر هاشم بروهي، ايس ايڇ او ڪوٽڙي انسپيڪٽر مظهر سومرو، ايس ايڇ او ڪوٽڙي سائيٽ سب انسپيڪٽر خير محمد ملاح ۽ سب انسپيڪٽر سائين بخش چانڊيو شامل آهن. ليٽر ۾ لاڳاپيل ڊي آ جيز کي الزام هيٺ آيل پوليس آفيسرن خلاف انڪوائري مڪمل ڪري ۽ محڪماڻي ڪارروائي ڪري 20 ڏينهن اندر سي پي او رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button