پاڪستانسنڌ

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

ڪراچي: ملڪ جي مختلف حصن ۾ اولهه هوائن جو سسٽم اثرانداز ٿيڻ جي صورت ۾ مختلف علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جو سلسلو سڀاڻي شام يا رات ملڪ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو ۽ 7 نومبر تائين اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ تي اثرانداز رهندو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ شام کان 7 نومبر تائين چترال، دير، سوات، گلگت ۽ ڪشمير ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته جبلن تي برفباري به ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته 5 کان 6 نومبر دوران مانسهرا، ايبٽ آباد، مري ۽ ٻين هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي، گڏوگڏ 6 نومبر جي شام يا رات کان 7 نومبر دوران ڪوئيٽا ۽ زوب ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي موجب بارکان، چمن، پشين ۽ ٻين هنڌن تي به تيز هوائن سان گڏ ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان وچولي درجي ۽ هلڪي مينهن جو امڪان آهي. موسميات کاتي ڪراچي، جيڪب آباد، سکر، شهيد بينظير آباد ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتن جو سلسلو ختم ٿيڻ سان بلوچستان سميت ملڪ جي مٿين علائقن ۾ ٿڌ جي لهر وڌي ويندي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به خطرو رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button