اسلام آبادپاڪستان

اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر سياست ۾ تشدد برداشت نه ڪبو:خورشيد شاهه

اسلام آباد :پاڻي معاملن واري وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته اسان عمران خان جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر سياست ۾ تشدد کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته ماضي ۾ پيپلزپارٽي بدترين جبر ۽ تشدد جو شڪار رهي آهي ۽ اسان ڏاڍ ۽ تشدد جي هميشه ڀرپور مخالفت ڪئي آهي. هن چيو ته قاتلاڻي حملي ۾ ملوث گرفتار شخص کان مڪمل جاچ ڪرڻ گهرجي ۽ ان واقعي جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته بنيادي طور تي عمران خان جي سيڪيورٽي جي ذميداري پنجاب حڪومت جي هئي ۽ سيڪيورٽي جي ذميدارن جي ڪوتاهي جو تعين ڪرڻ به ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button